ڊجيٽل آدمشماري جو مقصد ڌارين کي شمار ڪرڻ آهي: اي جي پي

حيدرآباد (پ ر) معاشي بدحالي سبب غريب عوام پريشانيءَ جو شڪار آهي، مهانگائي ملڪ کي انساني حقن جي بحران ڏانهن ڌڪي رهي آهي. مزدور هرسنگهه جي موت تي ڏک جو اظهار ڪريون ٿا. رياست سستي اگهه تي اٽي جي منصفاڻي ورڇ نه ڪئي ته اهڙا واقعا ٿيندا رهندا.پيپلزپارٽي سنڌ کي تباه ڪري ڇڏيو، ماڻهو بکون پيا ڪاٽين،ڌاري آبادي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڊجيٽل آدمشماري جو هڪ نئون رينگهٽ شروع ڪيو ويو آهي اهڙو خيالن جو اظهار عوامي جمهوري پارٽي جي صدر ايڊووڪيٽ سيد لعل شاه، خادم ٽالپر، نورنبي راهوجو، ايڊووڪيٽ اياز چانڊيو، رشيد سڌايو، ڀائو درمحمد ٻرڙو، غلام قمبر حاجاڻو، شاه محمد انڊڙ ۽ ادي نظير قريشي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو. هنن وڌيڪ چيو ته سڃاڻپ ڪارڊ وارو شرط ختم ڪرڻ جو مطلب ڌارين کي زبردستي شامل ڪرڻ آهي جنهن کي اسين سنڌ خلاف هڪ گهري سازش سمجهون ٿا. هنن چيو ته غير ملڪين کي مرضي موجب قوميت لکرائڻ جو اختيار ڏيڻ سراسر زيادتي سمجهون ٿا ۽ ايم ڪيو ايم کي راضي ڪرڻ لاءِ آدمشماري ڪرائي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.