مريم نواز جي پوليس وردي ۾ تصويرن تي سوشل ميڊيا تي تبصرا

لاهور (م ڊ) پنجاب جي وزير اعلي’ مريم نواز جي پنجاب پوليس جي يونيفارم ۾ وڊيو ۽ تصويرون وائرل ٿي ويون، جنهن تي شوبز  شخصيتن سميت ٻين سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن دلچسپ تبصرا ڪيا. پنجاب پوليس جي يونيفارم ۾ مريم نواز جون وڊيوز ۽ تصويرون مسلم ليگ (ن) جي آفيشل انسٽاگرام تي شيئر ڪيون ويون، جتان کين سوشل ميڊيا جي ٻين پليٽ فارمن تي به شيئر ڪيو ويو.  وڊيوز ۽ تصويرن ۾ مريم نواز کي عورت پوليس اهلڪارن سان پيار ڪندي ۽ سلامي ڏيندي ڏسي سگهجي ٿوصارفن لکيو ته هوءَ پوليس يونيفارم ۾ سٺي نظر اچي ٿي ۽ ماڻهن کيس پسند پڻ ڪيو. ڪجهه ماڻهن کيس پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير کان به بهتر سڏيو، جڏهن ته ڪجهه مداحن کيس فوٽو سيشن جي شهزادي جو خطاب ڏنو،هوڏانهن لاهور جي سيشن ڪورٽ ۾ پنجاب پوليس جي وردي پائڻ تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. آفتاب باجوه ايڊووڪيٽ طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته ڪوبه شخص رياستي ادارن جي وردي نٿو پائي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.