27 سيپٽمبر وارو لانگ مارچ هر صورت ٿيندو، ”ڏنڊا ۽ غُليلُون نه کڻي اچجو“، شوڪت يوسفزئي جو ڪارڪنن کي پيغام

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا ۾ پي ٽي آءِ جي سڌ سماءُ واري سيڪريٽري شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته لانگ مارچ هر صورت ۾ 27 سيپٽمبر تي ٿيندو ۽ ڪارڪنن کي پرامن رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي شوڪت يوسفزئي چيو ته لانگ مارچ ذريعي وفاقي حڪومت تي سياسي دٻاءُ وڌندو.
هن چيو ته اسلام آباد ضرور وينداسين، جتي روڪيو ويندو اتي ئي ويهي احتجاج ڪنداسين، جڏهن ته لانگ مارچ پرامن احتجاج هوندو.
شوڪت يوسفزئي موجب، سڀني ساٿين کي پرامن رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪارڪنن کي چيو ويو آهي ته هو پاڻ سان لٺيون، غليل يا ڪنهن به قسم جو هٿيار نه آڻين.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن وٽان غليل يا ڪنهن به قسم جو هٿيار هٿ آيو ته ان سان پي ٽي آءِ جو ڪو تعلق نه هوندو.

You might also like