ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هو مصطفيٰ ڪمال جي ڳالهين جو جواب ڏيڻ نٿو چاهي ۽ سندس ڳالهين سان متفق ٿيڻ ضروري ناهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ صنعتون ايم ڪيو ايم جي هڙتالن سبب بند ٿيون.
هن چيو ته جڏهن ايم ڪيو ايم وٽ طاقت هئي ته ايس ايڇ اوز کي چونڊي چونڊي قتل ڪيو ويو، اسان نائن زيرو ان لاءِ ويندا هئاسين ته اهي ماڻهو تشدد جي سياست ڇڏي ڏين.
صوبائي وزير الزام لڳايو ته ايم ڪيو ايم اڄ به ساڙڻ، گهيراءُ ڪرڻ ۽ لساني سياست ڪري رهي آهي، هاڻي کين ٻيهر بدمعاشي جي اجازت نه ڏني ويندي.
شرجيل ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم وارا سڄو ملبو پارٽي جي باني تي وجهن ٿا، جڏهن ته قتل عام ۾ اهي ماڻهو به شامل هئا.
هن چيو ته جڏهن کان پاڪستان پيپلز پارٽي وجود ۾ آئي آهي، تڏهن کان ان خلاف پروپيگنڊا ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته گذريل 18 سالن کان سنڌ حڪومت خلاف به پروپيگنڊا جاري آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ واحد صوبو آهي، جتي مڪاني حڪومتن جو نظام موجود آهي.
شرجيل ميمڻ دعويٰ ڪئي ته صحت جي شعبي ۾ پيپلز پارٽي جهڙو ڪم ڪنهن به نه ڪيو آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن کي مفت گهر ٺاهي ڏنا پيا وڃن.
هن چيو ته دنيا ۾ اهڙو ڪو منصوبو ناهي، جيڪو 21 لک گهر ٺاهي ڏئي.
صوبائي وزير چيو ته مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ گهرجن، ڌرڻن سان ڪجهه حاصل نه ٿيندو، سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ٿيڻ گهرجن.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي جلسو ڪرڻو آهي ته حڪومت کي ٻڌائي، حڪومت کيس جلسي لاءِ جاءِ فراهم ڪندي.
ڪراچي ۾ ڪمپنيون بند ۽ ڪاروبار ٻين صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻ جي ذميوار ايم ڪيو ايم آهي: شرجيل ميمڻ
You might also like