ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي معاملن واري کاتي آن لائن ويزا فراڊ بابت اطلاع ڏيڻ لاءِ پورٽل شروع ڪري ڇڏيو آهي.
آمريڪي قونصليٽ جي ترجمان موجب، نئين آن لائن پورٽل ذريعي شڪي ويزا فراڊ ۽ آمريڪي ويزن جي غلط استعمال بابت اطلاع ڏئي سگهجي ٿو.
ويزا فراڊ ۾ جعلي دستاويزن يا ڪوڙن سفري منصوبن جو استعمال، دلالن ذريعي جعلي شادين جو انتظام، جعلي ڪمپنيون قائم ڪرڻ، فرضي ملازمتن جون آڇون ڏيڻ، ٻار جي پيدائش جي مقصد سان آمريڪا جو سفر ڪرڻ يا ان جي سهولت فراهم ڪرڻ سميت ٻيا ڪيترائي غيرقانوني عمل شامل ٿي سگهن ٿا.
ترجمان جو چوڻ آهي ته نئون آن لائن پورٽل عوام کي شڪي ويزا فراڊ بابت اهم ڄاڻ آسان ۽ ڀروسي جوڳي طريقي سان لاڳاپيل اختيارين تائين پهچائڻ جي سهولت فراهم ڪندو.