محمد شهزاد جي رڪارڊ ٽوڙ اننگز، 9 بالن تي تيز ترين سينچري ڪري مصباح الحق رڪارڊ به چٽ ڪري ڇڏيائين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) جي بيٽر محمد شهزاد پريزيڊنٽ ٽرافي گريڊ ون جي ٽئين رائونڊ ۾ شاندار بيٽنگ ڪندي پاڪستاني فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين سينچري جو نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد جي ڊائمنڊ ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ڪنگز مين اڪيڊمي خلاف ميچ دوران محمد شهزاد جارحاڻي انداز اختيار ڪندي رڳو 49 بالن تي سينچري مڪمل ڪئي.
ان کان اڳ پاڪستاني فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين سينچري جو رڪارڊ اڳوڻي قومي ڪپتان مصباح الحق وٽ هو، جنهن 2014ع ۾ آسٽريليا خلاف 56 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي هئي.
محمد شهزاد پنهنجي رڪارڊ ساز اننگز دوران 12 چوڪا ۽ 8 ڇڪا هنيا، هن 62 بالن تي 114 رنسون ٺاهيون.
اها محمد شهزاد جي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ ڇهين سينچري آهي، جڏهن ته 49 بالن تي مڪمل ڪيل سينچري عالمي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ جي تيز ترين سينچرين ۾ اٺين نمبر تي شمار ٿئي ٿي.

You might also like