اسلام آباد ۽ پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ رينجرز مقرر ڪرڻ جي منظوري، شرپسند جٿن خلاف ڪارروائي جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت اسلام آباد ۽ پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ رينجرز مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
گهرو کاتي ، چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ پنجاب حڪومت جي درخواست تي رينجرز جي مقرري ۽ قانوني اختيارن تحت رينجرز کي مڪمل سهڪار فراهم ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.
ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته شرپسند ۽ هٿياربند جٿن جي حملن جي صورت ۾ رينجرز ۽ پوليس مناسب ۽ ضروري جوابي ڪارروائي ڪن، جڏهن ته ڪنهن به پرتشدد سرگرمي يا خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ رينجرز ۽ پوليس مڪمل قدم کڻن.
نوٽيفڪيشن موجب، رينجرز اهلڪار امن امان برقرار رکڻ ۽ سيڪيورٽي جي سهڪار لاءِ سموريون ضروري ذميواريون انجام ڏيندا.

You might also like