اَبي امان جي خدمت به روبوٽ ڪندا؟ ايلون مسڪ جي مستقبل جي دنيا بابت دنگ ڪندڙ اڳڪٿي

آمريڪي اليڪٽرڪ گاڏيون ٺاهيندڙ ڪمپني ٽيسلا جي سي اي او ايلون مسڪ دعويٰ ڪئي آهي ته ايندڙ ڪجهه سالن دوران انسانن جهڙن روبوٽس جو استعمال تيزيءَ سان وڌندو ۽ ماڻهو پنهنجن پيرسن والدين ۽ ٻارن جي سار سنڀال لاءِ ذاتي روبوٽس استعمال ڪندا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، هڪ انٽرويو ۾ ايلون مسڪ چيو ته مستقبل ۾ هڪ شخص هزارين روبوٽس ۽ ڊجيٽل ايجنٽن کي ڪنٽرول ڪري سگهندو، جڏهن ته ايندڙ 10 سالن اندر انسان نما روبوٽس جو انگ هڪ ارب تائين پهچي ويندو.
هن دعويٰ ڪئي ته 15 سالن ۾ انسان نما روبوٽس جو انگ 10 ارب ۽ 20 سالن ۾ 100 ارب تائين پهچي سگهي ٿو.
ٽيسلا جي سي اي او چيو ته ماڻهو ٻارن جي تعليم سميت ڪيترائي ٻيا ڪم به روبوٽس ذريعي سرانجام ڏيندا، جڏهن ته پيرسن والدين ۽ ٻارن جي سار سنڀال لاءِ به ذاتي روبوٽس استعمال ڪيا ويندا.
ايلون مسڪ وڌيڪ چيو ته جڏهن به ممڪن هجي، ماڻهن کي چين جو ضرور دورو ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن وقت محدود هجي ته گهٽ ۾ گهٽ شنگهائي ۽ بيجنگ ضرور وڃڻ گهرجي.

You might also like