سنڌوءَ ۾ واري پئي اڏامي، زمينون ادارن حوالي ڪيون پيون وڃن: صنعان قريشي

مانجهند/سن:سن ۾ جديد قومپرست سياست جي باني قومي رهبر سائين جي ايم سيد جي 29 هين ورسي جي موقعي تي جسقم طرفان چيئرمين صنعان خان قريشي امجد خان مهيسر اطهر سومرو ديدار شام ۽ ٻين جي قيادت ۾ ڪارڪنن سن انڊس هاءِ وي کان سيد جي مزار تائين وڏي پيادل ريلي جي صورت ۾ سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي قومي ترانو پڙھيو ويو ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي صنعان خان قريشي چيو ته سيد جي 29 هين ورسي تي  کيس قومي سلامي ۽ وچن ورجائڻ لاءِ گڏ ٿيا آھيون سيد سنڌ جي بحالي لاءِ جدجهد ڪئي ۽ ڪيترائي ڪتاب لکيا کيس سنڌ جي عشق ۾ 32 سال نظر بند  ۽ قيد رکيو ويو جناح اسپتال ۾ کيس سخت بيماري جي حالت ۾ ٻاهر علاج جي به اجازت نه ملي هئي  هن چيو ته سنڌ جي غلامي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ زمينن تي قبضا  ٿي رهيا آهن،شھرن ڳوٺن ۾ پاڻي صحت تعليم روزگار ميسر ناهن سنڌو درياء ۾ واري اڏامي رهي آھي سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون غير آباد آھن وفاق سنڌ جي زمينن تي قابض ٿيڻ لاءِ ڪوشش ۾ آھي ٺٽو سجاول بدين جون زمينون سمنڊ ڳڙڪائي رهيو آھي هن چيو ته  آئيس چرس شراب ڏئي نوجوانن کي موت جي حوالي ڪيو ويو آھي سنڌ جي تباهي بربادي جو ذميوار حڪومت کي سمجهون ٿا جنهن خلاف 26 مئي سجاول شھر ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وڌيڪ جدجهد جو اعلان ڪيو ويندو سيد جي عدم تشدد واري حڪمت عملي هيٺ جدجهد جاري رهندي،امجد خان مهيسر چيو ته سائين جي ايم سيد سڄي زندگي سنڌي قوم لاء وقف ڪري ڇڏي پيپلز پارٽي ترقي گٽرن نالين پٿرن جا پئسا ته هڙپ ڪري وئي پر ھارين جو بارداڻو به هڙپ ڪري واپارين کي ڏئي لکين خرچ ڪندڙ ھارين کي معاشي تباهي ڏانهن ڌڪيو آھي،ڏاڏو اطهر سومرو چيو ته سرڪار جي رڪاوٽن ڏاڍاين ۽ هر هنڌ پوليس نفري بيهارڻ  باوجود ڪارڪن ۽ عام ماڻھون سن پهتا آھن اشرف ڪلهوڙو چيو ته سنڌي قوم کي پنهنجي سڃاڻپ سائين جي ايم سيد ڏني،جڏهن ته ديدار شام ۽ ٻين به خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.