اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ فيول رليف اسڪيم تحت واهپيارن کي رليف کان محروم ڪندڙ پيٽرول پمپن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي.
علي پرويز ملڪ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پيٽروليم شين جي بنا رنڊڪ فراهمي ۽ فيول رليف اسڪيم تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي ته فيول رليف اسڪيم تحت 10 هزار پيٽرول پمپن مان 8 هزار 500 کان وڌيڪ کي ادائگيون مڪمل ڪيون ويون آهن.
ان موقعي تي پيٽروليم واري وزير ٻارڻ جي مسلسل فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ اڳواٽ انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
هن چيو ته امن امان يا روڊن جي بندش جي صورت ۾ پيٽروليم شين جي ترسيل متاثر نه ٿيڻ گهرجي، واهپيدارن کي رليف کان محروم ڪندڙ پيٽرول پمپن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
You might also like