سائين جي ايم سيد سياست ۾ نوان رخ ڏنا: نياز ڪالاڻي

مانجهند/سن: سن ۾ جديد قومپرست سياست جي باني قومي رهبر سائين جي ايم سيد جي 29 هين ورسي جي موقعي تي جسقم جي  سينئر اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سرفراز ميمڻ، علي رضا خاصخيلي، رواداري تحريڪ جي پنهل ساريو ۽ ٻين سيد جي مزار تي گلن جي چادر چاڙھي قومي ترانو پڙھيو ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سائين جي ايم سيد هن خطي جو واحد سياستدان هو جنهن سنڌ ۾ قومي تخيل ادب کان سياست تائين سنڌ جي هزارين سال تاريخي مزاج مطابق نوان رخ ڏنا مصر جي مسلمانن جيئن مسلمان ٿي ڪري فرعون کي اثاثو سمجهيو سنڌ ۾ سيد شھيد راجا ڏاهر کي پنهنجو هيرو ۽ اثاثو سمجهيو هن وڌيڪ چيو ته بدامني لاقانونيت منشيات جي مسئلن جي ذميوار حڪومت آھي جنهن خلاف سياسي سوچ کي تبديل ڪرڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.