پاڪ- ايران لاڳاپا مضبوط آهن، پنهنجي ضرورتن لاءِ آمريڪا سان به رابطي ۾ آهيون: پاڪستان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بيلسٽڪ ميزائل جا پرزا ٺاهيندڙ ڪمپنين تي آمريڪي پابندين جي معاملي تي پاڪستان آمريڪا کي ڳڻتي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
اسلام آباد ۾ هفتيوار پريس بريفنگ دوران پرڏيهي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته اسان سمجهون ٿا ته ايڪسپورٽ ڪنٽرول سياسي بڻجي چڪو آهي.
ممتاز زهرا بلوچ چيو ته آمريڪي انساني حقن تي 2023 واري رپورٽ کي رد ڪريون ٿا، پاڪستان مڪمل رپورٽ کي رد ڪيو، هن رپورٽ جي تياري ۾ گهربل طريقيڪار اختيار نه ڪيو ويو.
هن چيو ته پاڪ، چين اقتصادي راهداري تي ڪم جاري آهي، پاڪستان ۽ ايران جو ڪشمير ۽ غزا تي ساڳيو موقف آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا مضبوط آهن، پاڪستان ۽ ايران جي سربراهن جي ملاقات ۾ علائقائي معاملا بحث هيٺ آيا.
ممتاز زهرا بلوچ چيو ته غزا ۾ جاري نسل ڪشي فوري ختم ٿيڻ گهرجي، پاڪستان فلسطين ۾ جاري اسرائيلي ظلمن جي مذمت ڪري ٿو.
هن چيو ته ڀارت کي شڪ پکيڙڻ بدران گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عمل ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.