وزيراعظم جو ايف بي آر ٽريڪ اينڊ ٽريڊ سسٽم ۾ لاپرواهي ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو اعلان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف ايف بي آر جي ٽريڪ اينڊ ٽريڊ سسٽم ۾ لاپرواهي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته معيشيت کي نقصان پهچائيندڙن جو احتساب ضرور ٿيندو.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي، معاشي ۽ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.
ڪابينا اجلاس ۾ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پوڻن ٻن مهينن جي اجتماعي ڪوششن سان معاشي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، ملڪ جي معاشي صورتحال بابت رپورٽ شايع ٿي آهي، ڪيترن ئي شعبن ۾ سندن انگ اکر بهتر ٿيا آهن، معيشيت کي نقصان پهچائيندڙن جو احتساب ضرور ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته سندس شيون ٻاهر اماڻڻ ۽ ناڻي جي ذخيرن ۾ به اضافو ٿيو آهي، معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيا آهن.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بجلي چوري روڪڻ لاءِ اپاءَ ورتا ويا آهن، سندن ٽرانسميشن سسٽم ڪمزور آهي، بجلي چوري روڪڻ لاءِ ٽرانسميشن لائن بابت فيصلا ڪيا آهن، بجلي سستي ڪرڻ لاءِ به ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
هن چيو ته سڀني کي خراب چوڻ به غلط آهي، تمام سٺا ماڻهو به آهن، ايف بي آر کربين ڪمائيندي آهي ۽ رکبين رپيا بقايا آهن، عدالتن ۾ ڦاٿل آهن.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪيترائي ماڻهو ٽيڪس نٿا ڏين، ايف بي آر جو ٽريڪ سسٽم فراڊ کانسواءِ ڪجهه ناهي، مجرماڻي غفلت ۽ لاپرواهي سبب نقصان ٿي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي برآمد وڌي وئي آهي، اسان جي برآمد ۽ ترسيل ۾ واڌ ٿي آهي.
هن چيو ته اجتماعي ڪوششن سان صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، ڪيترن ئي شعبن ۾ اسان جي شرح بهتر ٿي وئي آهي.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ معاشي ۽ انتظامي معاملا به غور هيٺ آيا، امن امان جي مجموعي صورتحال جو به جائزو ورتو ويو.
ڪابينا اجلاس ۾ وزيراعظم جي سعودي عرب جي دوري بابت معاملن تي غور ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.