جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي ملازمن کي پڪو ڪرڻ بابت درخواست، عدالت مان وڏي خبر اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري جناح ميڊيڪل يونيورسٽي جي 600 ڪانٽريڪٽ ملازمن کي پڪو ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.
وڪيل عمر سومرو چيو ته ڪابينا انهن ملازمن کي ريگيولر ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي پر انهن کي برطرف ڪيو ويو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڪابينا ريگولرائيزيشن جي منظوري ڪيئن ڏئي سگهي ٿي؟ ، جيڪڏهن قانون ريگيولر ٿيڻ جي اجازت ڏئي ٿو ته ٻڌايو ، هي پاليسي جو معاملو ناهي، قانون جي ڀڃڪڙي جو معاملو آهي، صرف اهو ٻڌايو ته قانون ڇا ٿو چوي، ٻڌايو ته آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي ته ڪابينا قانون کان مٿانهون آهي؟ سنڌ اسيمبلي قانون ٺاهي کين اختيار آهي، پوءِ قانون تحت ريگيولر ڪندا رهو.
وڪيل ٻڌايو ته يونيورسٽي جي ملازمن کي ريگيولر ڪرڻ لاءِ رولز آف بزنس ۾ قانون آهي
چيف جسٽس چيو ته رولز آف بزنس کي مقرري ۽ ريگيولر ڪرڻ جو قانون نه بڻايو اهو هتي لاڳو نه ٿيندو
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته سرڪاري ادارا تمام خراب حالت ۾ آهن، رڳو ڪانٽريڪٽ تي ڀرتيون ڪندا پيا وڃن
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پي آءِ اي کي ڏسو، ان ۾ ايترو اسٽاف ڀرجي ويو آهي جو بار وڌندو پيو وڃي.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته پاڪستان جي سمورن يونيورسٽين ۾ ڇهن مهينن کان وڌيڪ ايڊهاڪ ڀرتين تي پابندي لڳائي وڃي.
وڪيل چيو ته توھان ريگيولرائز ڪرڻ بابت عمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
چيف جسٽس چيو ته حڪومت جو ڪم اسان نه ڪنداسين ۽ نه پارليامينٽ جو ڪم ڪنداسين.
تنهن بعد سپريم ڪورٽ جناح ميڊيڪل يونيورسٽي جي ملازمن جي درخواست رد ڪري ڇڏي….

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.