اولهه هوائن جو نئون سسٽم ملڪ ۾ داخل، بلوچستان برسات، ڪيئي گهر ڊهي پٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) اولهه هوائن جو سسٽم پاڪستان ۾ داخل ٿي ويو آهي، چاغي، ڪوهلو ۽ خاران سميت بلوچستان جي اڪثر علائقن ۾ تيز برسات هڪ ڀيرو ٻيهر شهرين لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪري ڇڏيون آهن.
بلوچستان جي سرحدي علائقي موسا خيل ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي.
هوڏانهن بارکان ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رات دير کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو.
مسلسل برسات کانپوءِ گرمي ۾ گهٽتائي ۽ ٿڌ ۾ واڌ ٿي آهي.
ٻئي طرف پاڪ ايران سرحدي شهر تفتان ۾ رات دير سان طوفاني برساتن کانپوءِ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ۽ ڪيتريون ئي گاڏيون ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي ويون آهن.
پاڻي وهڪرن سبب شهر جا ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ برسات جو پاڻي گهرن ۽ دڪانن ۾ داخل ٿي ويو، جنهن سبب ڪيترائي گهر ۽ ڀتيون ڊهي پيون.
انتظاميا موجب طوفاني برساتن سبب 50 گهرن ۽ ٻين اڏاوتن کي نقصان پهتو آهي، برسات ۽ ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.
مسلسل برسات سبب بجلي جا ڪيترائي فيڊر پڻ ٽرپ ٿي ويا، جنهن سبب شهري پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.