حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي 15 آڪٽوبر تي لاڙڪاڻي ۽ 8 نومبر تي ڪراچي ۾ ”وحدت سنڌ مارچ“ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي سربراهه رياض علي چانڊيو، جسقم (ش) جي سربراهه ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور، جست جي چيئرمين شبير جمالي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سنڌ جي وحدت خلاف ڪنهن به قدم کي قبول نه ڪيو ويندو.
رياض علي چانڊيو چيو ته سامونڊي پٽي ۽ کيرٿر جي جابلو پٽي تي قبضو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪچي جي زمين جي سروي بند ڪرائي اها مقامي ماڻهن حوالي ڪئي وڃي.
ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي اردو ڳالهائيندڙن کي اپيل ڪئي ته 8 نومبر تي ڪراچي ۾ رٿيل ”وحدت سنڌ مارچ“ ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪن.
جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي 15 آڪٽوبر لاڙڪاڻي ۽ 8 نومبر ڪراچي ۾ ”وحدت سنڌ مارچ“ جو اعلان
You might also like