نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي آمريڪا ۽ اسرائيل تي ايران خلاف جنگ ۽ شهرين کي نشانو بڻائڻ جا الزام لڳايا آهن.
خطاب جي شروعات ۾ ايراني صدر شهيد آيت الله خامنه اي ۽ آمريڪي حملي ۾ مارجي ويل ميناب اسڪول جي ٻارن جون تصويرون جنرل اسيمبلي ۾ ڏيکاريون. مسعود پزشڪيان جي تقرير دوران آمريڪي نمائندن جنرل اسيمبلي مان واڪ آئوٽ ڪيو.
مسعود پزشڪيان چيو ته آمريڪا جنگ دوران معصوم عورتن ۽ ٻارن کي نشانو بڻايو، جڏهن ته اسڪولن، اسپتالن ۽ شهري ڍانچي تي پڻ حملا ڪيا ويا،ايراني صوبي لامرد ۾ ٻارن تي ڪلسٽر بم پڻ ڪيرايا ويا.
ايراني صدر آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو نالو کڻي چيو ته ”اسان ڳالهين، سفارتڪاري ۽ مذاڪرات لاءِ تيار آهيون، پر طاقت جي زبان قبول نه ڪنداسين.“
مسعود پزشڪيان ٽرمپ جي گذريل ڏينهن واري تقرير جو حوالو ڏيندي چيو ته ”اهي ڌمڪيون ايراني قوم کي گڏ ڪن ٿيون. ايران اڳرائي ڪندڙن کي پڇتائڻ تي مجبور ڪندو.“
هن چيو ته ٽرمپ ۽ اهي ماڻهو جيڪي ڌمڪين ذريعي ايران کي جهڪائڻ چاهين ٿا، انهن کي سمجهڻ گهرجي ته ايران ڳالهين، سفارتڪاري لاءِ تيار آهي، پر طاقت جي ٻولي قبول نه ڪندو.
ايراني صدر چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي دهشتگرد قرار ڏنو، جڏهن ته ايران پاڻ دهشتگردي جو نشانو بڻيو آهي.
سندس چوڻ هو ته جيڪي پاڻ دهشتگردي ڪن ٿا، اهي ئي ايران تي دهشتگردي جا الزام لڳائي رهيا آهن.
هن الزام لڳايو ته آمريڪا ۽ اسرائيل ايراني شهرين تي بزدلاڻا حملا ڪيا ۽ حملن دوران عالمي قانونن جو خيال نه رکيو ويو، آمريڪا ڪنهن به عالمي قانون جي پاسداري نه ڪئي.
مسعود پزشڪيان چيو ته ايران پنهنجو ڪنڌ نه جهڪايو، پر هن شهرين جي آبادي وارن علائقن کي به نشانو نه بڻايو.
سندس چوڻ هو ته ملڪ جي دفاع لاءِ ڪنهن جي اجازت يا منظوري جي ضرورت ناهي.
ايراني صدر چيو ته دنيا ۾ عدم استحڪام ۽ تباهي طاقتور ملڪ پيدا ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ايران پنهنجي ۽ ٻين ملڪن لاءِ عدم تحفظ نٿو چاهي، جنگ جي ميدان ۾ امن حاصل نٿو ڪري سگهجي.
ايٽمي پروگرام بابت مسعود پزشڪيان چيو ته ايران کي ايٽمي توانائي گهرجي، ايٽمي بم نه.
سندس چوڻ هو ته ”ايٽم بم اسرائيل وٽ آهي، پر اتي ڪڏهن به معائنو ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته ايران جو معائنو ڪيو پيو وڃي، اسرائيل جاني نقصان ڪري ٿو، پر پابنديون ايران تي لڳايون وڃن ٿيون.“
هن چيو ته ايران ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جو خواهشمند ناهي، پر ”ايٽمي سائنس“ ۽ ”پرامن ٽيڪنالاجي“ جي واري حق تان هٿ نه کڻندو، ايران اهو قبول نٿو ڪري ته ايٽمي علم ڪجهه ملڪن جي اجارا داري هجي.
هن چيو ته ايران پنهنجو حق ڇڏي ڪنڌ نه جهڪائيندو ۽ ملڪ کي پنهنجي دفاع لاءِ ضروري طاقت حاصل ڪرڻ جو حق آهي.
آبناءِ هرمز بابت ايراني صدر چيو ته ايران اها اجازت نه ڏيندو ته کانئس سامونڊي سفر جو حق کسيو وڃي، ايستائين جو پنهنجي سامونڊي حدن ۾ به نه.
سندس چوڻ هو ته آبناءِ هرمز کي ايران خلاف استعمال ٿيندڙ هٿيارن جي فراهمي لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي.
مسعود پزشڪيان چيو ته ايران جي آبناءِ هرمز تائين رسائي محدود ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٻئي طرف ساڳئي رستي جي چوڌاري ميزائل ۽ ٽيڪنالاجي فراهم ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته ايران آبناءِ هرمز ذريعي پنهنجي خلاف حملن جي اجازت نٿو ڏئي سگهي.
هن وڌيڪ چيو ته سامونڊي رياستن جي سلامتي کي نقصان پهچائي سامونڊي سفر جي سلامتي حاصل نٿي ڪري سگهجي.
ايراني صدر چيو ته ايران مضبوط پاڙيسري ملڪن جو خواهشمند آهي ۽ پاڙيسري ملڪن کي سلامتي جو حريف نٿو سمجهي.
هن چيو ته هن خطي ۾ ڪو به ملڪ اڪيلو محفوظ نٿو رهي سگهي، يا ته گڏجي سلامتي قائم ڪئي ويندي يا سڀ گڏجي عدم تحفظ کي مُنهن ڏيندا.
مسعود پزشڪيان غزا جي صورتحال جو حوالو ڏيندي اسرائيل تي غزا ۾ نسل ڪشي جو الزام پڻ لڳايو.
”ايران ڪڏهن به سِرُ نه جهڪائيندو، ملڪ جي دفاع لاءِ طاقت حاصل ڪندو، ايٽمي طاقت جي حق تي ڪا به پابندي قبول نه ڪندو“
You might also like