ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مائڪ هيسن چيو آهي ته ايشين گيمز ۾ جيڪڏهن ڀارتي ٽيم سان مقابلو ٿيو ته پاڪستاني ٽيم ڀرپور مقابلو ڪندي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مائڪ هيسن چيو ته ايشين گيمز لاءِ چونڊيل پاڪستاني ٽيم سٺي آهي، جنهن ۾ نوجوان رانديگر به شامل آهن.
هن چيو ته ڀارت هن وقت سٺي ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي، جڏهن ته ايشين گيمز جپان ۾ ٿي رهيون آهن ۽ اتان جون حالتون پاڪستاني رانديگرن لاءِ نيون هونديون.
هيڊ ڪوچ وڌيڪ چيو ته ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ پاڪستان جو شمار سٺين ٽيمن ۾ ٿئي ٿو، جڏهن ته ون ڊي ۽ ٽيسٽ فارميٽ ۾ ٽيم جي ڪارڪردگي بهتر نه رهي آهي.
You might also like