ڊويزنن، ضلعن ۽ تعلقن جي هوندي نون انتظامي يونٽن جي معنيٰ سنڌ کي ورهائڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي: نصير ميمڻ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) دانشور ۽ ليکڪ نصير ميمڻ چيو آهي ته صوبي جي ورهاڱي کي انتظامي يونٽن جو نالو ڏئي سنڌ واسين کي منجهائڻ سولو ناهي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ نصير ميمڻ چيو ته ”سنڌ جي ماڻهن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته ڊويزنن، ضلعن ۽ تعلقن جي هوندي نون انتظامي يونٽن جي معنيٰ صوبي کي ورهائڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.“
هن چيو ته لفظن جي جادوگري ڪري پاڻ کي سياڻو سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي، سنڌ واسي اهڙي لفاظي کي چڱيءَ ريت سمجهن ٿا. نوان صوبا ۽ نوان انتظامي يونٽ، ٻنهي جي معنيٰ سنڌ جو ورهاڱو آهي، جنهن کي سنڌ واسي مڪمل طور رد ڪري چڪا آهن.
هڪ ٻي پوسٽ ۾ نصير ميمڻ لکيو ته ”هڪ ٻئي سان گڏ نماز نه پڙهندڙ به سنڌ جي ورهاڱي تي گڏجي ٿا پون.“ هن چيو ته سنڌ واسين کي به موٽ ۾ پنهنجي صفن اندر غيرمعمولي اتحاد پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ”مڇ هزار مڙيل آهن ۽ سهڻيءَ کي ڀاڱا ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ اسان کي مڙي مٺ ٿيڻ جي ضرورت آهي.“
هن وڌيڪ لکيو ته سنڌ جي وحدت سنڌ واسين لاءِ سمورن عقيدن، نظرين، منشورن، نعرن، جهنڊن، اڳواڻن ۽ اختلافن کان مٿانهين آهي.
نصير ميمڻ چيو ته سنڌ جي ورهاڱي لاءِ انتهاپسند جنونين کي ميدان ۾ لاٿو ويو آهي. هڪ جلسي جي وڊيو جو حوالو ڏيندي هن لکيو ته بدين ضلعي ۾ ٿيل هڪ جلسي دوران ”هڪ ٺڳ“ ماڻهن کي صوبو ورهائڻ جون برڪتون ٻڌائي رهيو آهي.
هن چيو ته سنڌ واسي مذهب کي سرڪاري مفادن لاءِ استعمال ڪندڙ اهڙن ماڻهن کي سدائين رد ڪندا رهيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ سمورن عقيدن جو احترام ڪندڙ سرزمين آهي، پر سنڌ واسي مذهب کي استعمال ڪري پنهنجي تاريخي سڃاڻپ، ثقافت، وسيلن ۽ وحدت تي حملو هرگز قبول نه ڪندا.

You might also like