اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) خيبرپختونخوا جي صدر جنيد اڪبر خلاف پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائمز ايڪٽ (پيڪا) تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.
اين سي سي آءِ اي طرفان داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته جنيد اڪبر جي ٽِڪ ٽاڪ اڪائونٽ تي لڳ ڀڳ 3 لک 40 هزار فالوورز آهن.
ايف آءِ آر موجب، جنيد اڪبر پنهنجي پروفائيل تي هڪ وڊيو اپلوڊ ڪئي، جنهن ۾ هن رياست مخالف بيان ڏنا.
اين سي سي آءِ اي موجب، جنيد اڪبر پنهنجي هڪ بيان، جنهن جي وڊيو يوٽيوب تي پڻ موجود آهي، ۾ اسلام آباد تي حملن ۽ وفاقي راڄڌاني واري شهر کي سومناٿ بڻائڻ جو اعلان ڪيو هو.
ايف آءِ آر ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته جنيد اڪبر چيو هو ته ”جيئن سومناٿ تي 17 حملا ٿيا، اهڙي طرح اسلام آباد جا به 17 حملا ٿيندا.“
اين سي سي آءِ اي وڌيڪ الزام لڳايو آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪارڪنن کي ڀڙڪائڻ جي به ڪوشش ڪئي.
”اسلام آباد کي سومناٿ بڻائينداسين“واري بيان تي پي ٽي آءِ اڳواڻ جنيد اڪبر خلاف ڪيس داخل
You might also like