پنهنجين حدن ۽ اوقات ۾ رهو، سنڌ جي وحدت خلاف دلالي ڪندئو ته بُڇڙا ٿيندئو: جامي چانڊيو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) ليکڪ ۽ دانشور جامي چانڊيو چيو آهي ته ”پنهنجين حدن ۽ اوقات ۾ رهو! سنڌ جي وحدت خلاف دلاليءَ جو ڪردار ادا ڪندئو ته بدترين خواري ئي ملندي.“

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي پوسٽ ۾ جامي چانڊيي چيو ته سنڌ جا سمورا سيڪيولر ۽ باشعور مذهبي ماڻهو سنڌ وطن جي وحدت تي هڪ آواز آهن.

You might also like