اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان سعودي عرب جي خودمختياري، سلامتي ۽ اسلام جي مقدس ترين هنڌن جي تحفظ لاءِ سعودي عرب سان گڏ بيٺل آهي.
سعودي عرب جي قومي ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏيندي وزيراعظم چيو ته سعودي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي پاڪستان لاءِ پڻ فخر جو سبب آهي، جڏهن ته پاڪستان کي سعودي عرب سان پنهنجي تاريخي، پراڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن تي فخر آهي.
هن چيو ته محمد بن سلمان جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ۽ گڏيل اسٽريٽجڪ ڀائيواري ۾ تبديل ٿي رهيا آهن، جنهن جو بنياد امن ۽ سلامتي جي واڌاري ۽ امت مسلمه جي اتحاد لاءِ گڏيل عزم تي ٻڌل آهي.
وزيراعظم چيو ته سعودي عرب خلاف حوثي باغين جي تازن حملن، خاص طور تي مقدس شهر مڪي شريف تي ڊرون حملي جي مبينا ڪوشش جي پاڪستان سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو.
هن چيو ته حرمين شريفين جي حرمت، تقدس ۽ سلامتي کي ڪو به خطرو دنيا جي مسلمانن جي جذبن کي سخت مجروح ڪري ٿو.
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاهدي ۽ مڪي گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن ۽ پاڪستان سعودي عرب جي خودمختياري، سلامتي ۽ اسلام جي مقدس ترين هنڌن جي تحفظ لاءِ ساڻس گڏ بيٺل آهي.