پاڪستان اسان جي اهم ترين اتحادين مان هڪ آهي: آمريڪا

واشگنٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جَي نائب ترجمان ويدانت پٽيل چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ اسان جي اهم ترين اتحادين مان هڪ آهي.
واشنگٽن ڊِي سِي ۾ پريس بريفنگ دوران ويدانت پٽيل چيو ته پاڪستان سان سيڪيورٽي ۽ واپار جَي شعبن ۾ سهڪار جاري رهندو.
هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جو مضبوط رشتو آهي، هُو اُن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا خواهشمند آهن.
سندس چوڻ هو ته سک اڳواڻ تي حملي جو معاملو آمريڪي انصاف وارو کاتو ڏسي رهيو آهي، هُو اِن تي تبصرو نٿو ڪري سگهي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جَي نائب ترجمان چيو ته ڊرونز ڪمپنين تي پابندي سان پاڪستان سان لاڳاپن تي فرق نه پيو.
ويدانت پٽيل چيو ته پاڪستان جَي ناڻي واري وزير آمريڪا جو دورو ڪري نمائندن سان ملاقاتن دوران صلاح مشورو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.