اميد نه ڇڏي آهي، ايران-آمريڪا ويڙهه ختم ڪرائينداسين: شهباز شريف

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري تڪرار ختم ڪرائڻ لاءِ سفارتي ڪوششن کان پوئتي نه هٽيو آهي ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.
نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته پاڪستان پنهنجي پاڙيسري ملڪ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ هڪ مخلص ۽ اڻ ڌرئي ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته جون ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين لاءِ طئي ٿيل ”اسلام آباد مفاهمتي يادداشت“ هڪ اهم اڳڀرائي هئي، پر ان کانپوءِ پيش آيل واقعن صورتحال کي پيچيده بڻائي ڇڏيو.
وزيراعظم چيو ته اسان اميد نه ڇڏي آهي ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين.
ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻيهر ملاقات جي امڪان بابت سوال تي شهباز شريف چيو ته سفارتڪاري هڪ مسلسل عمل آهي ۽ خطي جا دوست ۽ برادر ملڪ پڻ امن قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
ٻئي پاسي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ملاقات ڪئي.
پاڪستاني پرڏيهي وزارت موجب، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
اسحاق ڊار خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ ڳالهين، سفارتڪاري ۽ مسلسل رابطن جي اهميت تي زور ڏنو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن گڏيل مشاورت ۽ ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.
اها ملاقات اسحاق ڊار ۽ عباس عراقچي وچ ۾ گذريل هفتي ٿيل ٽيليفونڪ گفتگو کانپوءِ ٿي، جنهن ۾ پاڪستاني پرڏيهي وزير ايران تي زور ڏنو هو ته نار خطي ۾ توانائي جي بنا رنڊڪ فراهمي ۽ سامونڊي جهازن جي محفوظ اچ وڃ کي يقيني بڻايو وڃي.

You might also like