پاڪ-ڀارت تڪرار کان ٿائيلينڊ-ڪمبوڊيا جنگ تائين، عالمي نظام ناڪام ٿي چڪو آهي: آمريڪا

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته جيڪڏهن دنيا ۾ هڪ اثرائتو ۽ فعال عالمي نظام موجود هجي ها ته اِهو پاڪستان ۽ ڀارت سميت مختلف ملڪن وچ ۾ تڪرارن ۽ امڪاني ڇڪتاڻ کي منهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ها.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مارڪو روبيو چيو ته موجوده عالمي نظام پنهنجون ذميواريون اثرائتي نموني ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ۽ عالمي اڳواڻن ۾ ان ڳالهه تي وڏي حد تائين اتفاق آهي ته عالمي نظام کي پنهنجي بنيادي ترجيحن ۽ ڪردار ڏانهن واپس آڻڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته دنيا جي ڪيترن ئي وڏن تڪرارن کي حل ڪرڻ ۾ عالمي ادارا اثرائتو ڪردار ادا نه ڪري سگهيا آهن.
مارڪو روبيو چيو ته جيڪڏهن اهڙو فعال عالمي نظام موجود هجي ها ته ٿائيلينڊ ۽ ڪمبوڊيا وچ ۾ جنگ يا ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ڪنهن امڪاني تڪرار کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي ها.
آمريڪي پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته جڏهن عالمي نظام اثرائتو ثابت نه ٿئي ته رياستون پنهنجن قومي مفادن موجب فيصلا ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿيون.
هن چيو ته عالمي ادارن کي پنهنجو ڌيان بنيادي ذميوارين ۽ تڪرارن جي حل تي کپائڻو پوندي، جيئن اهي تبديل ٿيندڙ عالمي چئلينجن کي وڌيڪ اثرائتي نموني منهن ڏئي سگهن.

You might also like