اها دريائي گهوڙي، جنهن کي 7 سالن تائين نَر سمجهيو ويو

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپان ۾ هڪ چڙيا گهر انتظاميا جي نااهلي چئجي يا دريائي گهوڙيءَ جي چالاڪي، جنهن 7 سالن تائين پنهنجي جنس جي حوالي سان انتظاميا کي دوکي ۾ رکيو.
ميڊيا رپورٽن موجب جاپان جي چڙيا گهر ۾ هڪ دريائي گهوڙي 7 سالن کان موجود آهي، جنهن کي 2017 ۾ 5 سالن جي عمر ۾ آمريڪي رياست ميڪسيڪو کان اوساڪا آندو ويو هو.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو ته ان دريائي گهوڙيءَ جو نالو انتظاميا جين چين رکيو، جنهن جو تعلق آفريقي نسل سان آهي ۽ ان کي دستاويزن ۾ نَر ظاهر ڪيو ويو هو.
انتظاميا موجب زو ڪيپر دريائي گهوڙيءَ ۾ ڪنهن به قسم جون نَر واريون حرڪتون نه ڏٺيون ته شڪ جي بنياد تي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
انتظاميا موجب ڊي اين اي رپورٽ ۾ اها 12 سالن جي مادي نڪتي، جنهن لاءِ انتظاميا هاڻ سازگار ماحول پيدا ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.