پشاور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اڳوڻي ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان کي پريزيڊنٽ ٽرافي نه کيڏائڻ جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.
ذريعن موجب، رضوان کي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ نه کيڏائڻ جو سبب فٽنيس ٽيسٽ نه، پر سندس خلاف هلندڙ انڪوائري آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) رضوان کي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ به مشق ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد رضوان پنهنجي ڊپارٽمينٽ ايس اين جي پي ايل کي اسلام آباد ۾ جوائن ڪيو هو.
شان مسعود جي غيرموجودگي ۾ ڊپارٽمينٽ طرفان رضوان کي ڪپتاني ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو.
رضوان ڊپارٽمينٽ جي مشق واري سيشن ۽ ٽيم جي گڏجاڻي ۾ پڻ شرڪت ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ان دوران پي سي بي طرفان ايس اين جي پي ايل انتظاميا سان رابطو ڪري پيغام ڏنو ويو ته رضوان خلاف انڪوائري هلي رهي آهي، تنهنڪري کيس واپس موڪليو وڃي.
ذريعن موجب، ڊپارٽمينٽ انتظاميا رضوان کي پي سي بي جي هدايت کان آگاهه ڪيو.
ذريعن جو اِهو به چوڻ آهي ته ايس اين جي پي ايل انتظاميا رضوان جي ترت فٽنيس ٽيسٽ وٺڻ لاءِ تيار هئي، پر پي سي بي جي هدايت سبب اهو عمل اڳتي نه وڌي سگهيو.
لاهور پهچڻ کانپوءِ رضوان نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ مشق ڪرڻ لاءِ پي سي بي سان رابطو ڪيو، پر کيس اين سي اي ۾ مشق ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو.
ذريعن موجب انگلينڊ جي دوري تان وطن واپسي کانپوءِ ڪنهن به رانديگر جو لاڳاپيل ڊپارٽمينٽ طرفان پريزيڊنٽ ٽرافي لاءِ فٽنيس ٽيسٽ نه ورتو ويو، محمد رضوان هن وقت پنهنجي اباڻي شهر پشاور ۾ مشق ڪري رهيو آهي.