رينجرز هيڊ ڪوارٽر ٻاهران حددخليون: ڊاهيو، پوءِ معاوضو ڏينداسين: چيف جسٽس

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو ته جناح ڪورٽ ڪهڙي قانون تحت رينجرز کي ڏنو آهي؟
سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي رٿا جي متاثرن جي درخواست جي ٻڌڻي دوران عدالت سنڌ حڪومت کي متاثرن جو معاملو ڏسڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سرڪار جتي حددخليون ڪري ٿي اتي وڌيڪ سزا هئڻ گهرجي.
چيف جسٽس ايڊووڪيٽ جنرل کان سوال ڪيو ته اوهان ڏسو نٿا ڪٿان پيا ٿا؟ نيول، رينجرز هيڊ ڪوارٽرز، گورنر ۽ وزيرعليٰ هائوس طرفان فٽ پاٿن تي به قبضو ڪيو ويو آهي.
ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته سيڪيورٽي جا مسئلا آهن، بم حملا ٿيا، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته جڳهه خالي ڪريو، ڪو محفوظ ٺڪاڻو ڳوليو ، عوام تي حملا ٿيندا رهن ۽ اوهان محفوظ رهو، اِهو ڪٿان جو قانون آهي؟
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته منهنجي اچڻ کان اڳ سپريم ڪورٽ جي ٻاهران روڊ بند هو جيڪو مون کولرايو، ٻڌايو ته رينجرز هيڊ ڪوارٽر ڪٿي آهي ۽ فٽ پاٿ ڪٿي آهي؟ دنيا ۾ ڪٿي به ائين ٿيندو آهي؟ آمريڪا هليا وڃو ۽ ڏسي اچو، جيڪڏهن ڊپ ٿئي ٿو ته ڪٿي ريموٽ ايريا ۾ وڃي ويهي رهو، سيڪيورٽي جي نالي تي روڊ بند نه ڪريو.
چيف جسٽس چيو ته هر هنڌ روڊ ٽٽا پيا آهن، ميئر به آيل هو ڪٿي آهي؟ بجلي جا ٿنڀا ڪِيرائي سڄو روڊ اکيڙي هليا ٿا وڃن، سڀاڻي ٻڌڻي مقرر ڪيون ٿا، تفصيل ٻڌايو ته هي جناح ڪورٽ ڪهڙي قانون تحت رينجرز کي ڏنو ويو آهي؟
هن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪهڙو طريقو آهي وي آءِ پي بڻيا وتو ٿا، اوهان رينجرز هيڊ ڪواٽرز جي سامهون حددخليون ڇو نٿا هٽايو؟ هٽايو هي سڀ، غريبن جا گهر ڊاهيا ويا، هي به ڊاهيو، بعد ۾ کين به معاوضو ڏنو ويندو، خطرو آهي ته اوهان ڪيئن ٻئي هنڌ هليا وڃو.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اسان کي وڌيڪ خطرو آهي، اوهان دهشتگرد پڪڙيندا آهيو ۽ اسان موت جي سز ڏيندا آهيون.
چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته گورنر هائوس ٻاهران ڪنٽينر ڇو رکيا ويا آهن اِهي اندر رکو؟ عوام کي پريشان ڪرڻ چاهيو ٿا.
جسٽس جمال مندوخيل چيوته اهڙو ڪم ڪيو جنهن سان عوام پريشان نه ٿئي، جڏهن ته چيف جسٽس چيو ته اسان چئون ٿا ته سپريم ڪورٽ جي سامهون به حددخليون هجن ته ڊاهي ڇڏيو.
ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ رينجرز هيڊ ڪوارٽرز، گورنر هائوس، وزيرعليٰ هائوس سميت سرڪاري ۽ نجي عمارتن ٻاهران ٽن ڏينهن اندر رنڊڪون ۽ حددخليون ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
سپريم ڪورٽ سمورن لاڳاپيل ۽ سيڪيورٽي ادارن کي عدالتي حڪم جي ڪاپي موڪلڻ جي هدايت ڪئي ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل کي وفاقي ادارن کي آگاهه ڪرڻ جي حڪم ڏيندي حددخلين بابت ڪيس جي ٻڌڻي جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.