”ايندڙ دور بيٽرين جو“ نيويارڪ ۾ اِي جهاز جي حيران ڪندڙ اڏار، 27 منٽ ۾ رڳو 5 ڊالر خرچ!

پيٽرول ۽ ڊيزل سان گڏوگڏ جيٽ فيول جي لڳاتار وڌندڙ اگهه عالمي جهاز ٺاهيندڙ ڪمپنين کي مجبور ڪري رهيا آهن ته اهي بجليءَ تي هلندڙ مسافر کڻندڙ هوائي جهاز ايجاد ڪرڻ جي ڪوشش ڪن.

ان ئي ضرورت کي نظر ۾ رکندي هڪ آمريڪي ڪمپني، هارٽ ايئرواسپيس (Heart Aerospace) 30 سيٽن وارو ’’X1‘‘ نالي هوائي جهاز ايجاد ڪري ورتو آهي. هي 76 فٽ ڊگهو ۽ 25 هزار پائونڊ وزني آهي.

تازو ئي نيويارڪ ۾ ان جي پهرين اڏام ڪاميابيءَ سان سر انجام ڏني. هي پرواز 11 سئو فٽ جي بلنديءَ تي رڳو بيٽري پاور جي مدد سان 27 منٽ جاري رهي.

ان دوران بجليءَ جو خرچ رڳو ’’5 ڊالر‘‘ رهيو جيڪو روايتي جيٽ فيول جي مقابلي ۾ حيران ڪندڙ حد تائين انتهائي گھٽ آهي.

You might also like