سوشل ميڊيا ايپ ٿريڊس، ايڪس کان گوءِ کڻي وئي

ميٽا طرفان ايڪس ( ٽوئيٽر ) کي ٽڪر ڏيڻ لاءِ متعارف ڪرايل سروس ٿريڊز جي ماهوار واهپيدارن جو انگ پندرنهن ڪروڙ کان ٽپي ويو آهي.
ميٽا جي چيف ايگزيڪٽيو مارڪ زڪربرگ جنوريءَ کان مارچ 2024ع جي ٽه ماهي آمدني رپورٽ جاري ڪئي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جنوري کان مارچ 2024ع دوران سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٿريڊز استعمال ڪندڙ واهپيدارن جي انگ ۾ ٻه ڪروڙ تائين وڌارو ٿيو آهي، جنهن مان اشارو ملي ٿو ته ٿريڊز جي واهپيدارن جي انگ ۾ مستحڪم انداز ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي.
حقيقت ۾ ٿريڊز روزاني بنيادن تي استعمال ڪندڙ واهپيدارن جي انگ جي حوالي سان آمريڪا ۾ ايڪس کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.
اهڙي ريت ميٽا ايپس فيسبوڪ، انسٽاگرام، ميسنجر ۽ واٽس ايپ روزانو استعمال ڪندڙ ماڻهن جو انگ جنوريءَ کان مارچ دوران ٽي ارب چويهه ڪروڙ تائين پهتو، جيڪو آڪٽوبر کان ڊسمبر 2023ع دوران ٽي ارب اڻويهه ڪروڙ هو.
مجموعي طور ميٽا ايپس واهپيدارن جي انگ ۾ گذريل سال جي انهي عرصي جي ڀيٽ ۾ ست سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.
ياد رهي ته ٿريڊز کي جولاءِ 2023ع ۾ متعارف ڪرايو ويو هو، ان کان اڳ هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته فيبروري 2024ع ماهوار ٿريڊز استعمال ڪندڙ واهپيدارن جو انگ تيرنهن ڪروڙ هو، يعني تمام گهٽ عرصي ۾ وڌيڪ ويهه ڪروڙ واهپيدارن جو اضافو ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.