”گڏ جيئنداسين گڏ مرنداسين“ حادثي ۾ زال جي مرڻ تي مڙس آپگهات ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ زال جي موت تي دلبرداشته ٿي مڙس آپگهات ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب 36 ورهين جي يوگيش ۽ ماني ڪماري جي شادي 6 مهينا اڳ ٿي هئي، ماني پيشي جي لحاظ سان اسپتال ۾ پيرا ميڊڪ اسٽاف (نرس) هئي، جڏهن ته يوگيش هڪ ٽيچر هو.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ماني ڪماري پنهنجي اسپتال وڃي رهي هئي ته روڊ تي هڪ موٽر سائيڪل جي ٽڪر ۾ فوت ٿي وئي.
پوليس موجب زال جي موت جي خبر پوڻ تي يوگيش ان جو لاش گهر کڻي وڃي پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو، پاڙيسرين يوگيش جي ڪمري جو در کڙڪايو، ڪو جواب نه ملڻ تي در ڀڃي اندر داخل ٿيا ته يوگيش ڇت جي پکي سان ٽنگيل هو.
پوليس ٻڌايو ته يوگيش جي ڪمري مان هڪ خط به مليو، جنهن ۾ لکيل هو ته اسان گڏ جيئنداسين ۽ گڏ مرنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.