اداڪارا تمنا ڀاٽيا کي سائبر ڪرائيم سيل طلب ڪري ورتو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا تمنا ڀاٽيا ۽ اداڪار سنجي دت کي غيرقانوني آءِ پي ايل اپليڪيشن ڪيس ۾ سائبر ڪرائيم سيل ۾ طلب ڪيو ويو.
ڀارتي خابرو اداري موجب تمنا ڀاٽيا ۽ سنجي دت کي هلندڙ هفتي اوائل ۾ طلب ڪيو ويو هو، جڏهن ته ان ڪيس ۾ مشهور فنڪار ريپر بادشاهه کان پهريان به پڇا ڳاڇا ڪئي وئي هئي.
رپورٽ موجب فيئر پلي اپليڪيشن تي آءِ پي ايل2023ع جي غيرقانوني نشريات بابت تمنا ڀاٽيا ۽ سنجي دت کي مهاشٽرا جي سائبر ڊپارٽمنٽ 29 اپريل تي طلب ڪيو ويو آهي.
بلاڪ بسٽر فلم باهو بلي جي اداڪارا کان غيرقانوني اپليڪيشن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي، جڏهن ته اداڪار سنجي دت ڪيس ۾ پيش ٿيڻ لاءِ مهلت گهري ورتي.
سمورن فنڪارن تي الزام آهي ته انهن آءِ پي ايل ڏسڻ واري فيئر پلي ايپ کي پروموٽ ڪيو هو، ان اپليڪيشن کي سرڪاري نشريات جا رائٽس نه هئا.
سائبر ڊپارٽمنٽ موجب فنڪارن جي اهڙي عمل تي سرڪاري نشرياتي اداري کي وڏو نقصان رسيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.