ڌاڙيلن لاءِ سهولتڪاري جو الزام، 78 پوليس اهلڪارن جي شڪارپور کان ڪراچي بدلي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ڪچي جي ڌاڙيلن لاءِ سهولتڪاري جي الزام هيٺ 78 پوليس اهلڪارن جي شڪارپور کان ڪراچي بدلي ڪئي وئي آهي.
پوليس ذريعن موجب، ڌاڙيلن خلاف آپريشن دوران معلومات ليڪ ٿيڻ تي شڪارپورٽ ۾ مقرر اهلڪارن جي ڳجهي انڪوائري شروع ڪئي وئي هئي جنهن ۾ انڪشاف ٿيو ته هو مبينا طور ڌاڙيلن سان رابطي رهيا ۽ سندن سهولتڪاري ڪئي.
ڄاڻايل پوليس اهلڪارن کي سزا ڏيڻ يا سروس ختم ڪرڻ بدران کين ڪراچي بدلي ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، سنڌ جي ڪچي ۾ موجود ڌاڙيلن خلاف آپريشن دوران اِهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته جن پوليس اهلڪارن تي ڌاڙيلن سان رابطن جو شڪ آهي کين شڪارپور رينج مان بدلي ڪيو وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سموري صوبي ۾ ڌاڙيلن سان رابطي ۾ رهندڙ پوليس اهلڪارن جو سروي ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.