ايشلي نوفڪي به پاڪستان ٽيم جي ڪوچنگ ڇڏي ڏني

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي وائيٽ بال بالنگ ڪوچ ايشلي نوفڪي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب، ايشلي نوفڪي پنهنجي ذميوارين کان ڌار ٿيڻ واري فيصلي بابت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايشلي نوفڪي لاءِ ايشين گيمز 2026ع پاڪستان ٽيم سان گڏ آخري سيريز هوندي، جنهن کانپوءِ هو قومي ٽيم جي ڪوچنگ ذميوارين کان الڳ ٿي ويندو.
ذريعن موجب، ايشلي نوفڪي کي نيدرلينڊز ڪرڪيٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي، جتي هو وائيٽ بال ڪرڪيٽ ۾ نيدرلينڊز ٽيم جي ڪوچنگ ڪندو.
ايشلي نوفڪي جو نيدرلينڊز ڪرڪيٽ بورڊ سان 2 سالن جو معاهدو ٿيو آهي، جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سان ايشين گيمز سندس آخري ذميواري هوندي.
ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مينز ٽيم لاءِ نئين بالنگ ڪوچ جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ان سلسلي ۾ باظابطا اشتهار پڻ جاري ڪيو آهي.
پي سي بي موجب، دلچسپي رکندڙ اميدوار 8 آڪٽوبر تائين پنهنجون درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا.

 

You might also like