”روڊن جي مرمت پئي ٿي “، اسلام آباد ڏانهن ويندڙ مسافر خبردار، ايم ون سميت اهم شاهراهون ٽريفڪ لاءِ بند

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽر وي پوليس (اين ايڇ ايم پي) موجب ملڪ جي مختلف موٽر ويز ۽ قومي شاهراهن تي مرمتي ۽ اڏاوتي ڪم جاري هئڻ سبب ڪيترن ئي هنڌن تي لينون بند ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي ٽريفڪ کي متبادل رستن ڏانهن موڙي وئي آهي.
اين ايڇ ايم پي طرفان سيپٽمبر 2026ع تي جاري ڪيل ٽريفڪ ايڊوائزري موجب ايم ٽو، ايم ٿري ۽ ايم فور موٽر ويز جي مختلف حصن ۾ مرمتي ڪم جاري آهي.
لاهور کان اسلام آباد ويندڙ ايم ٽو موٽر وي تي بلڪسر، ڪيپيٽل سمارٽ سٽي، نيلا دلهه، ڪلر ڪهار ۽ شاديوال ڀرسان ڪجهه لينون عارضي طور بند آهن، جڏهن ته هڊيال ۽ وڪراڻ وٽ ٽريفڪ کي متبادل رستي ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.
لاهور کان عبدالحڪيم ويندڙ ايم ٿري موٽر وي تي ننڪانا صاحب، جڙانوالا ۽ سمندري ڀرسان مرمتي ڪم سبب ڪجهه لينون بند آهن.
پنڊي ڀٽيان ۽ عبدالحڪيم وچ ۾ ايم فور موٽر وي تي فيصل آباد ڀرسان مرمتي ڪم جاري آهي ۽ 2 لينون بند ڪيون ويون آهن.
اين ايڇ ايم پي موجب، اربع جي رات کان ايم ون موٽر وي کي اسلام آباد ٽول پلازا کان ڇڇ انٽرچينج تائين ٻنهي طرفن کان هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند رکيو ويندو.
ان حصي جا اسلام آباد ٽول پلازا، فتح جنگ/ترنول انٽرچينج، سنگجاني/اي ڊبليو ٽي انٽرچينج، برهمه باهتر انٽرچينج، برهان انٽرچينج، هزارا موٽر وي انٽرچينج، غازي انٽرچينج ۽ ڇڇ انٽرچينج پڻ بند رهندا.
موٽر وي پوليس موجب، ايم 14 موٽر وي تي هڪله کان ڪنڊل تائين ٻنهي طرفن کان هر قسم جي ٽريفڪ بند رهندي، جڏهن ته جي ٽي روڊ اين فائيو تي اٽڪ خورد وٽ به ٻنهي طرفن کان ٽريفڪ بند رهندي.
ايڊوائزري ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اين فائيو قومي شاهراهه جي اترين، وچين، ڏاکڻي ۽ الهندي زونن جي مختلف حصن ۾ اڏاوتي سرگرمين سبب ڪجهه هنڌن تي ٽريفڪ کي متبادل رستن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.
کاريان کان لاهور ويندڙ روڊ تي 2 هنڌن، جڏهن ته ميان چنو کان بهاولپور ويندڙ روڊ تي 3 هنڌن تي ٽريفڪ کي متبادل رستن ڏانهن موڙي آهي.

You might also like