لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت راولپنڊي، اٽڪ، جهلم ۽ ميانوالي ۾ رينجرز مقرر ڪرڻ لاءِ وفاقي گهرو وزارت کي خط لکي ڇڏيو آهي.
پنجاب حڪومت جي خط جي متن موجب، رينجرز جي مقرري امن امان جي امڪاني صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪئي وئي آهي.
پنجاب گهرو کاتي جي ترجمان چيو آهي ته صوبائي پوليس جي درخواست تي سيڪيورٽي ۾ مدد لاءِ رينجرز مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي.
ترجمان موجب، راولپنڊي ۾ رينجرز جون 3 ڪمپنيون، اٽڪ ۾ 5 ونگز، جڏهن ته جهلم ۽ ميانوالي ۾ هڪ، هڪ ڪمپني مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
گهرو کاتي موجب، چئن ئي ضلعن ۾ رينجرز جا دستا 5 آڪٽوبر 2026ع تائين مقرر رهندا.
ترجمان ٻڌايو ته رينجرز جي مقرري جي منظوري ڪابينا جي امن امان بابت ڪميٽي جي 59هين اجلاس ۾ ڏني وئي هئي.
بيان موجب، رينجرز جي مقرري پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 245، دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ 1997ع ۽ پاڪستان رينجرز آرڊيننس 1959ع جي لاڳاپيل شقن تحت ڪئي ويندي.
پنجاب گهرو کاتي موجب، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.
You might also like