سموري ملڪ ۾ هڪ مهيني دوران ڪيتري اووربلنگ ٿي؟ ڇرڪائيندڙ انگ اکر سامهون اچي ويا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سموري ملڪ ۾ هڪ مهيني دوران 92 ڪروڙ 69 لک يونٽس جي اوور بلنگ جو انڪشاف ٿيو آهي.
وفاقي جاچ ايجنسي ( ايف آءِ اي ) موجب، بجلي جي اوور بلنگ ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي.
ترجمان موجب، هڪ مهيني دوران256 ڪنيڪشنز ۾ اووربلنگ جو انڪشاف ٿيو، ملوث عنصرن خلاف 23 انڪوائريون ۽ 5 ڪيس داخل ڪيا ويا.
ترجمان جو چوڻ آهي ته گهرن، سرڪاري آفيسن ۾ اووربلنگ جي مد ۾ اربين رپيا بجلي بلن ۾ وصول ڪيا ويا ۽ هڪ مهيني دوران سموري ملڪ ۾ 92 ڪروڙ 69 لک يونٽس جي اووربلنگ ڪئي وئي.
ايف آءِ اي ترجمان موجب، اوور بلنگ سبب عوام ۽ ٻين سرڪاري ادارن کي 34 ارب 29 ڪروڙ رپين جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو.
ان ڏس ۾ ڊي جي ايف آءِ اي هدايت ڪئي آهي ته اووربلنگ ۾ ملوث عنصرن خلاف گهيرو تنگ ڪيو وڃي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.