راهول ڊريوڊ جي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ واري وڊيو وائرل، مداح دنگ رهجي ويا

بئنگلورو ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ موجود هيڊ ڪوچ راهول ڊريوڊ جي عام چونڊن دوران پنهنجي واري جو انتظار ۾ قطار ۾ بيٺو رهيو جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
راهول ڊريوڊ ڀارت ۾ عام چونڊن لاءِ بئنگلورو جي ڊالرس ڪالوني ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو، ان کان اڳ هو بنا پروٽوڪول جي ووٽ ڏيڻ لاءِ عام ماڻهن جيان قطار ۾ پنهنجي واري جو انتظار ڪندو رهيو.
راهول ڊريوڊ طرفان سادگي اختيار ڪرڻ تي واهپيدار سندس رويي تي حيرت جو اظهار ڪري رهيا آهن.
ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کانپوءِ راهول ڊريوڊ چيو ته ووٽنگ دوران ڪا به پريشاني نه ٿي، جهموريت جي عمل کي جاري رکڻ انتهائي ضروري آهي مان ٻين ماڻهن کي به گهرن کان ٻاهر نڪرڻ ۽ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي درخواست ڪندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.