پاڪستاني هوائي حدن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام،ائير ڊفنيس افغانستان جا اٺ ڊرون تباهه ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان افغان طالبان حڪومت جي دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي فضا ۾ ڇڏيل سمورا ڊرون تباهه ڪري ڇڏيا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، اربع جي صبح افغان طالبان حڪومت طرفان 8 ڊرون پاڪستان جي هوائي حدن ڏانهن موڪليا ويا، پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ائير ڊفينس سسٽم سمورن ڊرونن کي ڪيرائي ڇڏيو ۽ فوج افغان طالبان حڪومت جي بزدلاڻي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
سمورن ڊرونن کي پاڪ ائير فورس جي دفاعي نظام وقت سر ڳولي ورتو، جڏهن ته پاڪ-افغان سرحد تي پاڪ فضائيه جي نگراني هيٺ دفاعي نظام هر وقت تيار ۽ فعال آهي.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته 4 ڊرون طورخم سرحد سان لڳندڙ علائقن ۾ ڪيرايا ويا، جڏهن ته 4 ڊرون ڪوهاٽ سان لڳندڙ سرحدي جبلن ۾ تباهه ڪيا ويا، تباهه ٿيل ڊرونن جو ملبو تحويل ۾ ورتو پيو وڃي.
ذريعن موجب، دراندازي افغان طالبان حڪومت طرفان دهشتگردن جي سڌي مدد ۽ سرپرستي جو ثبوت آهي.
ياد رهي ته گذريل رات پاڪستاني فوج ڪرم سيڪٽر ۾ افغان طالبان حڪومت جي مورچن ۽ ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو هو.

 

You might also like