حج پانڌيئڙن لاءِ وڏي خوشخبري

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي هوائي اڏي ( جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ) کي روڊ ٽو مڪه پروجيڪٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، ايئرپورٽ جي روڊ ٽو مڪه پروجيڪٽ ۾ شامل ٿيڻ سان حج پانڌيئڙن کي روڊ ٽو مڪه منصوبي تحت ڪراچي هوائي اڏي تي سهولتن ميسر هونديون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حج پانڌيئڙن جي اميگريشن هاڻ سعودي عرب بدران ڪراچي ۾ ٿيندي ۽ پانڌيئڙن کي جدي ۽ مديني جي هوائي اڏن تي اميگريشن جي ضرورت نه پوندي.
ذريعن موجب، روڊ ٽو مڪه پروجيڪٽ تحت ڪراچي ايئرپورٽ تي انتظام آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن، سعودي اميگريشن لاءِ سول ايوي ايشن اٿارٽي ( سي اي اي ) طرفان ٻه ڪائونٽر مختص ڪيا ويا آهن، ڪراچي ايئرپورٽ تي سعودي ايوي ايشن جو عملو پانڌيئڙن جي اميگريشن ڪندو.
ڊائريڪٽر حج ڪراچي جو چوڻ آهي ته پهرين اُڏام ڪراچي مان نوَ مئي تي روڊ ٽو مڪه منصوبي تحت سعودي عرب لاءِ رواني ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.