ملڪ ۾ غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير طرفان آءِ جي اسلام آباد کي ملڪ ۾ غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ملاقات کانپوءِ غير رسمي ڳالهه ٻول دوران وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ملڪ جي راڄڌاني اسلام آباد ۾ غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين ڊيٽا اڳواٽ موجود آهي، آءِ جي اسلام آباد غير قانوني پرڏيهين خلاف آپريشن تيز ڪري.
هن چيوته جن غيرقانوني پرڏيهين وٽ ڪارڊ موجود آهن، تن لاءِ ٽن مهينن جي واڌ ڪئي وئي آهي، ٽن مهينن کانپوءِ انهن کي به وڃڻو پوندو.
هن چيو ته چينين شهرين جي سيڪيورٽي جي حوالي سان اسان کي تمام گهڻا خدشا آهن، ان حوالي سان چيني اختيارين سان گڏجي بهتر حڪمت عملي جوڙي رهيا آهيون، هٿيارن جا لائسنس جاري ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي پابندي لاڳو آهي.
وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته سندس خواهش آهي ته سک ياترين لاءِ آن ارائيول ويزا سسٽم هجي، ايف آءِ اي، اميگريشن پاسپورٽ ۽ پوليس کي ري ويمپ ڪيو ويندو، ٽوئيٽر جي حوالي سان وڌيڪ ڪجهه وقت گهربل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.