همدرد شوريٰ پاران ملڪ تي وڌندڙ قرض تي ڳڻتي جو اظهار

ڪراچي (پ ر) همدرد شوريٰ جي ميمبرن ملڪ تي وڌندڙ قرض تي ڳڻتي جو اظهار ۽ پاڪستان جي مالياتي استحڪام لاءِ ڊگهي مدي واريون پاليسيون اختيار ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي.

همدرد فائونڊيشن پاڪستان جي صدر محترمه سعديه راشد جي درخواست تي همدرد شوريٰ جو ماهوار اجلاس گذريل ڏينهن اسپيڪر جنرل (ر) معين الدين حيدر جي صدارت هيٺ ”ڇا اسان هميشه قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل رهنداسين“ جي موضوع تي همدرد ڪارپوريٽ هيڊ آفيس ۾ ٿيو.

اجلاس ۾ خطاب ڪندي مهمان مقرر مقبول اقتصادي ماهر ڊاڪٽر شاهد حسين صديقي چيو ته پاڪستان جي معيشت تي اشرافيا قابض آهي. وفاقي ۽ صوبائي سطح تي جيڪي به پاليسيون اختيار ڪيون وينديون آهن اصل ۾ ان ئي طبقي جي مفاد ۾ ٺاهيون وينديون آهن. قرض سبب فائدي بدران مهانگائي وڌي وئي آهي ۽ غربت ۾ واڌ ٿي آهي. اشرافيا نواز ڪلچر کي ختم ڪرڻو پوندو.

ان موقعي تي ظفر اقبال، جسٽس (ر) ضيا پرويز، انجنيئر ابن الحسن، نوشابا خليل، انجنيئر انوار الحق صديقي، ڪموڊور (ر) سيد انور ملڪ، پروفيسر ڊاڪٽر تنوير خالد، سينيٽر عبدالحسيب خان، هما بخاري، ڊاڪٽر امجد جعفري ۽ ڪرنل (ر) مختار احمد بٽ چيو ته معيشت کي دستاويزي بڻايو، ترسيلات کي وڌائڻ لاءِ حڪومت کي پنهنجي هنرمند ماڻهن جي قوت لاءِ دوست ملڪن سان معاهدا ڪرڻا پوندا.

هنن چيو ته پراپرٽي ۽ زراعت جي شعبن تي به ٽيڪس لڳائڻ گهرجي جيڪي ماڻهو ڏوهن جي سرپرستي ڪري رهيا آهن اهي ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن انهن خلاف رياست دشمني جي بنياد تي ڪيس ڪيا وڃن.

هنن چيو ته ملڪ جا انتظامي معاملا جيڪڏهن سٺي انداز ۾ هلايا ويندا ته کوڙ خرابيون ختم ٿي وينديون. معاشري ۾ اخلاقيات جي اهميت کي اسڪول جي سطح تي اجاڳر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.