ٻار ڄمڻ تي والدين کي 2 ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا

ڏکڻ ڪوريا ۾ ٻارن جي پيدائش جي شرح وڌائڻ لاءِ والدين کي 10 ڪروڙ ڪوريائي وان ( 73 هزار آمريڪي ڊالر، 2 ڪروڙ پاڪستاني رپيا) ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.
ڏکڻ ڪورين حڪومت ٻار ڄمڻ جي شرح ۾ واڌ لاءِ جديد طريقن جا قدم کڻڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي.
2023ع ۾ ڏکڻ ڪوريا ۾ ٻار ڄمڻ جي شرح 0.72 تائين گهٽجي وئي هئي، حڪومت جي انتظامن هيٺ اينٽي ڪرپشن ۽ سول رائٽس ڪميشن ان حوالي سان 17 اپريل تي سروي جي شروعات ڪئي هئي.
ياد رهي ته والدين جي حوصلا افزائي لاءِ حڪومتي اسڪيمن ذريعي ڪورين جوڙن ئي اڳ ۾ ئي پنهنجي ٻارن جي پيدائش کان 7 سال جي عمر تائين امدادي پروگرام ذريعي هڪ ڪروڙ رپين جي مالي امداد ڏني ويندي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪوريا جي هڪ ڪمپني جي سربراهه ملازمن کي ٻار پيدا ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ شرح جي وڌائڻ جي مدد لاءِ 2 ڪروڙ پاڪستاني رپين جي آڇ ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.