ماڻهو مونکي ڏسي سبحان الله چوندا آهن:مٿيرا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ماڊل، اداڪارا ۽ ميزبان مٿيرا انڪشاف ڪيو آهي ته جيڪڏهن منهنجو انسٽاگرام اڪائونٽ هيڪ ٿي ويو ته ڪيترن ئي مردن جو شاديون ٽٽي وينديون.
مٿيرا تازو ئي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته 2005 ۽ 2006ع ۾ جڏهن هڪ نجي ٽي وي چينل تي پروگرام ڪندي هيس ته ان وقت اردو نه ايندي هئي، انڪري ڪيترائي ماڻهو لائيو فون ڪال تي منهنجي بي عزتي ڪري ويندا هئا، پر مونکي اهي ڳالهيون سمجهه نه اينديون هيون، بعد ۾ مونکي ٻڌايو ويندو هو ته ڪالر توهانکي گهٽ وڌ ڳالهايو آهي.
مٿيرا جو چوڻ هو ته ماڻهو منهنجي بي عزتي ڪندا هئا، پر اڄ جيڪو ڪجهه آهيان ان شو جي ڪري آهيان، مشهوري جو سبب اهو آهي ته پاڪستاني مرد وڌيڪ پيار ڪندا آهن، همايون سعيد ۽ شان کي پرڪشش قرار ڏيندي اداڪارا ٻڌايو ته مونکي اهڙا ئي مرد سنڀاري سگهن ٿا.
اداڪارا اعتراف ڪيو ته انسٽاگرام تي ڪيترائي مرد ميسيجز ڪندا آهن، جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن منهنجو انسٽاگرام اڪائونٽ هيڪ ٿي ويو ته ڪيترن ئي مردن جا گهر برباد ٿيندا ۽ انهن جون شاديون ٽٽي وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.