سون اگهه ۾ بنا بريڪ واڌ جاري، هزارين رپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سموري ملڪ في تولي سون جي قيمت ۾ اڄ 2500 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 45 هزار رپيا ٿي وئي آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 21 ڊالر مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2323 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن في تولي سون جي اگهه ۾ پنج سئو رپين جي معمولي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.