محمود خان اچڪزئي جا گرفتاري وارنٽ جاري

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) پشتونخوا ملي عوامي پارٽي ۽ اپوزيشن اتحاد جي سربراهه محمود خان اچڪزئي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪياويا آهن،
جڊيشل مئجسٽريٽ ڪوئيٽا طرفان محمود خان اچڪزئي خلاف گوالمنڊي ٿاڻي ۾ داخل ايف آءِ آر کانپوءِ سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.
محمد خان اچڪزئي جي گهر تي ڇاپي دوران سرڪاري ڪم ۾ مداخلت جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، ايف آءِ آر جي سلسلي ۾ پيش نه ٿيڻ تي جڊيشل مئجسٽريٽ سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا.
مئجسٽريٽ پوليس کي حڪم ڏنو ته محمود خان اچڪزئي کي گرفتار ڪري 27 اپريل تي پيش ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.