ويرات ۽ بابر ۾ ڪو مقابلو ناهي، ڪوهلي ڀارت کي ڪيئي ميچون کٽرائي چڪو آهي: محمد حفيظ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ چيو آهي ته ڀارتي بيٽر ويرات ڪوهلي ۽ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم وچ ۾ ڪو به مقابلو نه آهي.
هڪ انٽرويو دوران محمد حفيظ نيوزيلينڊ خلاف ٽيم سيليڪشن بابت چيو ته محمد عامر، عماد وسيم، عثمان خان سٺا رانديگر آهن پر سليڪشن جو هڪ طريقيڪار هوندو آهي.
هن چيو ته ٽئي رانديگر پهريان ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏن ها ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي کين قومي ٽيم ۾ چونڊيو وڃي ها، جيڪڏهن پيراشوٽ ذريعي سليڪشن ٿيندي ته علائقائي ڪرڪيٽرن ڏانهن غلط پيغام ويندو.
پنهنجي ڪوچنگ تي تنقيد جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته ليول ون ڪوچنگ ڪورس ڪيو آهي، ڪوچنگ ڪورس جي تعليم آهي، ضرور پڙهڻ گهرجي پر ڪوچنگ ڪورس ئي سڀ ڪجهه ناهي، جيڪڏهن ڪوچنگ ڪورس تحت ڪم ڪرڻو آهي ته سڀ کان وڌيڪ مارڪون حاصل ڪندڙ کي قومي ٽيم جو ڪوچ بڻايو وڃي.
هن چيو ته ڪوچنگ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جو تجربو نظرانداز نٿو ڪري سگجي، ٽيم جي ڊائريڪٽر جي عهدي تان هٽائڻ وارو طريقيڪار افسوسناڪ هو.
اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم ۽ ويرات ڪوهلي جي ڀيٽ بابت سوال تي چيو ته بابر ۽ ڪوهلي ۾ ڪو مقابلو نٿو ٺهي ڇو ته ڪوهلي لاءِ ڪيئي موقعن تي شاندار پرفارم ڪيو آهي، بابر بهترين رانديگر آهي جنهن کي پاڪستان لاءِ پرفارم ڪرڻو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.