مريم نواز جي وردي تي بختاور ڀٽو جو رد عمل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي پنجاب پوليس جي وردي ۾ تصويرن تي صدر زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري جو تبصرو وائرل ٿي ويو آهي.

گذريل ڏينهن مريم نواز لاهور ۾ پوليس ٽريننگ ڪاليج چوهنگ جي پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ شرڪت ڪئي هئي.

تنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي جڏهن تصويرون وائرل ٿيون ته ڪو سندس حمايت ته ڪو مخالفت ڪري رهيو هو.

مريم نواز جي وڊيوز تي تبصرو ڪندڙن ۾ بختاور ڀٽو به شامل ٿي وئي.

هن مريم نواز جي تعريف ڪندي چيو ته شاندار، پوليس فورس ۾ عورتن جي برابر نمائندي واکاڻ جوڳو عمل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.