ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ ڪهڙا رانديگر هجن؟ وقار يونس ٻڌائي ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وقار يونس هلندڙ سال جون ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پنهنجي پاڪستاني اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڪيٽرن جا نالا ٻڌائي ڇڏيا.
اڳوڻي ڪپتان پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ چوٿين ٽي ٽوئنٽي ميچ دوران ڪامينٽري ڪندي عالمي ڪپ لاءِ پنهنجي پاڪستاني اسڪواڊ ۾ شامل رانديگرن جا نالا ٻڌايا.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن رانديگر فٽ آهن ته بابر اعظم، صائم ايوب ۽ فخر زمان سان گڏ ٽي اوپنر هوندا، جڏهن ته محمد رضوان ۽ عثمان خان به عالمي ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل هجڻ گهرجي.
ان کانسواءِ اعظم خان ۽ افتخار احمد کي به ٽيم ۾ هجڻ گهرجي، شاداب خان جي شموليت تي ڪو به اعتراض نٿو واري سگهي ڇو ته هو پنهنجي صلاحيتن جي بنياد تي پاڻمرادو اسڪواڊ جو حصو بڻجي وڃي ٿو.
اڳوڻي فاسٽ بالر چيو ته عماد وسيم ۽ ابرار احمد کانسواءِ اساما مير جي به ٽيم کي ضرورت پوندي.
فاسٽ بالرن بابت هن چيو ته جيڪڏهن سڀ فٽ رهيا ته شاهين آفريدي ۽ محمد عامر سميت نسيم شاهه۽ حارث رئوف کي اسڪواڊ جو حصو بڻائڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.