گهريلو يا ڪمرشل سولر پئنل لڳائڻ وارن تي ٽئڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي ( سي پي پي اي ) گهريلو يا ڪمرشل سولر پئنل لڳائڻ وارن تي ٽئڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي.
توانائي وزارت جي ذريعن موجب، سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي طرفان سمري بجلي واري وزارت ڏانهن اُماڻي وئي آهي.
ذريعن موجب، گهريلو يا ڪمرشل سولر پئنل لڳائڻ وارن کان في ڪلو واٽ ٻه هزار رپيا ٽئڪس اُوڳاڙڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته 12 ڪلو واٽ جي سولر پئنل گرڊ کان ٻه هزار رپيا في ڪلو واٽ اوڳاڙڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، 12 ڪلو واٽ جو سولر پئنل لڳائڻ وارن واهپيدارن کان 24 هزار رُپيا وصول ڪيا ويندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاور ڊويزن طرفان سي پي پي اي جي سمري منظوري لاءِ وزيراعظم کي موڪلي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.